سِڌ ڪلياڻ

سِڌ ڪلياڻ (راڳ): ڪلياڻ ٺاٺ مان جنم وٺندڙ هي اوڍو سمپورڻ راڳ آهي. هن راڳ جو وادي سر ريکب (ري) ۽ سموادي سر پنچم (پا) آهي. هي راڳ بلمپت لئه ۾ ڳائڻ گھرجي. جيڪڏهن هن راڳ ۾ رکب کي وادي ڪري ڳائبو ته هن راڳ کي ايمن کان اڳ ۾ آلاپڻ گھرجي ۽ جيڪڏهن گنڌار کي وادي ڪري ڳائبو ته ايمن کانپوءِ ڳائڻ گھرجي. ڀوپالي ڪلياڻ ۽ سڌ ڪلياڻ ۾ پنڊت اهو فرق بيان ڪن ٿا ته ڀوپاليءَ ۾ ٻئي مڌم (ما) ۽ نکاد (ني) جا سر ورج آهن. تنهنڪري سڌ ڪلياڻ ڀوپالي ڪلياڻ کان به الڳ ٿي پوي ٿو. هن راڳ تي شاهه جي سرن جو اثر ملي ٿو. هن راڳ ۾ مڌم ۽ نکاد کي مينڍ واري قانون مطابق آلاپڻ گھرجي، يعني سرن جي اشاري ۾ گنڌار گھٽ ۽ ڪمزور ڪري گلي جي رڳن کي استعمال ڪرڻ گھرجي.
هن راڳ جي آروهي: سا-ري-گي-پا-ڌي-سا، آمروهي: سا-ني-ڌي-پا-مي-گي-ري-سا، چالو: گي-ري-سا-سا-ري-سا-ري-سا-گي-ري-گي-ري-سا، سا- ري- سا- ني- ڌي- پا- سا- گي- ري- گي- ري- سا، سا-ري-گي- پا- گي- پا- گي-ري-سا-گي-ري-پا-گي-ري-گي- پا-ري-گي-ري-سا، پا- گي- ري- گي- ري- سا- ڌي-ري- سا- ڌي- پا- سا- ڌي- سا- گي- گي- ري- سا- ري-گي- ري- سا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو